اهم شخصيت جو خاندان ڪجهه سالن ۾ ارب پتي بڻجي ويو

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز نيٽ ورڪ) پاڪستان جي هڪ طاقتور شخصيت جي خاندان تازن ڪجهه سالن ۾ ارب پتي بڻجي ويو آهي، جنهن پنهنجو سرمايو ٻاهرين ملڪ منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اتي ملڪيتون خريد ڪري ورتيون آهن.

هڪ باخبر صحافي جي رپورٽ مطابق هڪ نوجوان عورت جيڪا ان شخصيت جي ننهن آهي، اها هاڻي 9 ڏينهن ۾ ارب پتي بڻجي وئي آهي، جڏهن ته سندس ٽي ٻيون ڀينرون اتي آهن جتي اڳ هيون، ان نوجوان عورت کي گجرانوالا ۾ ڊي ايڇ اي ۾ پراڻين تاريخن ۾ 8 پلاٽ الاٽ ڪيا ويا آهن.

اهو پراسيس سندس 2 نومبر تي ٿيل شادي کان اڳ ڪيو ويو، ساڳئي ڏينهن تي کيس گرينڊ حيات اپارٽمينٽس  ۾ هڪ فليٽ جي مالڪي جا ڪاغذ به ملي ويا، ان عورت جي ساهرن سندس گهرڀاتين سان گڏ جوائنٽ وينچر ڪاروبار به شروع ڪيو آهي، جنهن تحت پاڪستان مان سرمايو ٻاهرين ملڪ منتقل ڪري ٻاهرين ملڪ پراپرٽيون خريد ڪيون پيون وڃن، ان شخصيت جي گهرواري اسلام آباد، ڪراچي ۽ گلبرگ گرينس ۾ فارم هائوس خريد ڪري ارب پتي ٿيڻ تي مهر ثابت ڪري ڇڏي آهي.

لاهور ۾ گهريلو ۽ ڪمرشل پلاٽ، پلازا، ڊي ايڇ اي اسڪيمن ۾ پلاٽ خريد ڪيا پيا وڃن، ان شخصيت جي گهرواري ڊي ايڇ اي لاهور جي فيز چار ۽ 6 ۾ ٻن ڪمرشل پلازائن جي مالڪياڻي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ان جا آمريڪا ۾ 5 لک ڊالر اڪائونٽس ۾ پيل آهن،ايف بي آر پاران اثاثا لڪائڻ تي ڪيترائي ڀيرا تنبيهه به ڪئي وئي جڏهن ته  ان شخصيت جي خاندان 2018ع ۾ ٽيڪس پاڪستان تيل جو ڪاروبار شروع ڪيو جنهن جو هيڊڪوارٽر دبئي ۾ آهي،

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز 22-11-21 تي شايع ٿيو  

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.