حڪومت ٻوڏ متاثر ٻارن جي ضرورتن تي ڌيان ڏئي: صدر علوي

اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت، مراعت يافته طبقن، اين جي اوز عالمي تنظيمن تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ۾ وڏي ٻوڏ سبب متاثر ٻارن جي هڪ وڏي انگ جي ضرورتن تي ڌيان ڏين. آچر ڏينهن عالمي برادري طرفان ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان ڏينهن جي مناسبت سان آئون حڪومت، مراعت يافته ماڻهن، اين جي اوز ۽ عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪريان ٿو ته هو پاڪستان ۾ تازي موسمياتي تبديلي سبب آيل وڏي ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ٻارن جي هڪ وڏي انگ جي ضرورتن تي خاص ڌيان ڏين ۽ کين تعليم، غذائيت ۽ خوراڪ فراهم ڪن، انهن لاءِ پناهگاهن جي فراهمي، بيماري ۽ بک کان انهن جي حفاظت ڪن، هن چيو ته هر سال اهو ڏينهن سڄي دنيا ۾ ٻارن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ لاءِ ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن کي پهريون ڀيرو 1954ع ۾ يونيورسل چلڊرن ڊي جي طور تي ملهايو ويو ۽ 1959ع ۾ اڄوڪي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ٻارن جي حقن جو پڌرنامو منظور ڪيو هو. صدر چيو ته هلندڙ سال ٻارن جي عالمي سال 2022ع جو تمام بهترين موضوع ”هر ٻار لاءِ شموليت“ چونڊيو ويو آهي. هن چيو ته ”موسمياتي تبديلي، تعليم ۽ دماغي صحت کان وٺي نسل پرستي ۽ امتيازي سلوڪ جي خاتمي جي حوالي سان ٻار ۽ نوجوان انهن مسئلن تي آواز بلند ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نوجوان نسل لاءِ اهو تمام گهڻو ضروري آهي ۽ هو بزرگن کان هڪ بهتر مستقبل جو مطالبو ڪري رهيا آهن. صدر وڌيڪ چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان پڻ پوري دنيا وانگر ٻارن جي حقن جي وڪالت، فروغ ۽ ان جي حقن جي تحفظ جو وچن ڪري ٿو. پاڪستان ٻارن جي حقن جي حوالي سان مڪالمي ۽ قدمن سان ٻارن جي لاءِ هڪ بهتر دنيا جي تعمير ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.