ڏوهارين سان لاڳاپا ثابت ٿيڻ تي سکر جو سي آءِ اي انچارج معطل

سکر (رپورٽر) آءِ جي سنڌ ڏوهاري ماڻهن سان لاڳاپا ثابت ٿيڻ تي سکر جي سي آءِ اي انچارج کي معطل ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي سنگهار ملڪ طرفان آءِ جي سنڌ کي لکيل ليٽر ۾ ڊي ايس پي تي سنگين الزامن جي انڪوائري ڪئي وئي جنهن کان پوءِ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي سکر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.آءِ جي سنڌ پوليس سي آءِ اي انچارج سکر ڊي ايس پي عبدالستار ڦل کي فوري طور عهدي تان هٽائي سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. اهڙو حڪم ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ پاران آءِ جي سنڌ کي اماڻيل شڪايتي ليٽر جي انڪوائري بعد ڏنو ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.