ڪراچي ۾ هڪ هفتي دوران 1069 جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي پوليس جي ترجمان هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل هڪ هفتي دوران ايسٽ، ويسٽ ۽ سائوٿ زونز ۾ پوليس جي ڇاپا مار ڪارروائين دوران 1069 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ان دوران 18 مقابلا ٿيا جنهن ۾ 3 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته 24 زخمين سميت 29 ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو ڪارروائين دوران لکين روپين جي ماليت جو 95 ڪلو کان وڌيڪ چرس ڏيڍ ڪلو کان وڌيڪ هيروئن ۽ اڍائي ڪلو کان وڌيڪ آئس هٿ آئي جڏهن ته مجموعي طور تي 136 هٿيار ۽ گوليون ، 16 موٽر سائيڪلون ، موبائيل فون ۽ روڪ رقم هٿ آئي ترجمان موجب ڏوهن جي خاتمي ، امن امان جي بحالي ۽ عوام جي تحفظ جي لاءِ پوليس جون ڪارروائيون جاري رهنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.