آرمي چيف تڪرار ختم، عمران جي پارليامينٽ ۾ واپسي، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ٺاهه

لاهور (معظم فخر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪوششن سان سياسي غيريقينيءَ جي خاتمي لاءِ ڳجهن رابطن ذريعي حل ڪڍيو ويو آهي، حڪومت ۽ عمران خان ۾ طئه ٿيو آهي ته آرمي چيف جي مقرريءَ کي پي ٽي آءِ تڪراري نه بڻائيندي، ٻيو ته عمران خان کي اسلام آباد ۾ 26 نومبر تي اچڻ جي اجازت ڏني ويندي ڪا به رڪاوٽ نه وڌي ويندي.

عمران خان جلسي ۾ احتجاجي لانگ مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندو ۽ پارليامينٽ ۾ واپس اچي عام چونڊن بابت ڳالهيون ڪندو، جڏهن ته عمران خان جي ڪيسن تي سياسي دٻاءُ نه وڌو ويندو ۽ نه عدالتن کي مجبور ڪيو ويندو، عمران خان پارليامينٽ ۾ اچي نگران حڪومت بابت صلاح مشورن جو حصو بڻجندو.

اليڪشن ڪميشن ۾ به گڏيل صلاح مشورن سان تبديليون يا مقرريون ڪيون وينديون، ان سلسلي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان چئني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي خط به لکيو ويو آهي ته گريڊ 18 جي آفيسرن جا تفصيل ڏنا وڃن، عدالتن کي به ريٽرننگ آفيسرن جي مقرريءَ لاءِ تفصيل ڏيڻ لاءِ ليٽر لکيو ويو آهي.

چيو وڃي ٿو ته 16 نومبر تي صدر علوي انتهائي اهم شخصيتن سان ملاقات ۾ معاملا طئه ڪيا ويا هئا. جن بابت صدر علوي انهن تفصيلن کان عمران خان کي ڄاڻ ڏني هئي ۽ چيو هو ته جيڪڏهن فارمولو نامنظور ڪيو ويو ته پوءِ پي ٽي آءِ لاءِ ايوان صدر جا در به بند ڪيا ويندا، چيو وڃي ٿو ته ڳجهي معاهدي ۾ آصف علي زرداريءَ جو اهم ڪردار آهي جنهن نواز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ اتحادين کي اعتماد ۾ وٺي معاهدي جي منظوري ورتي آهي، اهو به طئه ٿيو آهي ته پارليامينٽ ۾ واپسيءَ تي تنقيد ڪرڻ بدران آجيان ڪئي ويندي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو اليڪشن ڪميشن سال اڳ ئي چونڊن جي تياري شروع ڪئي آهي.

چيو وڃي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ رابطا ڪيا ويندا، جنهن ۾ سمورين پارٽين جا نمائندا ۽ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ به شريڪ هوندا، اسٽيبلشمينٽ جا عيوضي به انهن ملاقاتن ۾ شامل هوندا.

نوٽ:معظم فخر جو هي تبصرو روزاني عوامي آواز 22-11-21 تي شايع ٿيو  

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.