جيئي ڀٽو بدران جيئي عوام جو نعرو هڻو، مظلوم عوام ئي سنڌ جو وارث آهي: جونيئر ذوالفقار

ڪراچي (رپورٽ : مهدي بلوچ) خواجه سراء پاران سنڌ مورت مارچ ملهايو ويو، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي به شرڪت، جونيئر جذباتي خطاب ڪندي ڀٽو جي نعري کان انڪار ڪندي عوام جو نعرو هڻڻ جو چيو. تفصيل موجب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو پهريون ڀيرو سنڌ مورت مارچ ۾ تقريب کي خطاب، سنڌ مورت مارچ خواجه سراء تنظيم پاران ڪراچيء جي فيريئر حال ۾ منعقد ڪيو ويو جتي عورت مارچ اڳواڻن، خواجه سراء اڳواڻن ۽ ڪراچي بچايو تحريڪ جي اڳواڻن سميت ٻين ڪيترن ئي اظهار يڪجهتي لاءِ شرڪت ڪئي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ مورت مارچ ۾ تقريب کي خطاب خطاب ڪيو، ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته مان مورت مارچ وارن سان گڏ آهيان، هن تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ به تقرير ڪئي، هن جو چوڻ هو ته منهنجي سنڌي ۽ اردو ڪچي آهي جنهن سبب اردو، سنڌي ۽ انگريزي ۾ به ڳالهائيندس ته جيئن سنڌين، اردو ڳالهائيندڙن ۽ ڊي ايڇ اي وارن کي به سمجهه ۾ اچي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي خوشي آهي ته مان هن تاريخي پروگرام ۾ هڪ ڪامريڊ جي حيثيت سان ڳالهايان ٿو، هن چيو ته اسان جي دنيا مري رهي آهي ۽ اسان مان انسانيت ختم ٿيندي پئي وڃي، اسين مختلف حصن ۾ تقسيم ٿي چڪا آهيون، هتي هر ڪو هڪ ٻئي جو دشمن لڳو پيو آهي ۽ اسان جو عوام قيامت جي نشانين ۾ ايترو ڦاٿل آهن جو ڪوئي ان جي وجه جي ڳالھ نه پيو ڪري، غرور، لالچ ۽ نفرت کي اسان جي ملڪ ۾ ڦهلايو پيو وڃي، جڏهن ته اخلاقي وقار کان وڌيڪ ڪا به حقيقت ناهي. هن خواجه سراء لاءِ شعر پڻ پڙهيو جنهن بعد جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو خواجه سراء اڳواڻن کي اجرڪون پڻ پارايون. ان دوران شرڪت ڪندڙن جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا جنهن تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته ڀٽو خاندان ۽ ٻيو ڪو نه پر سنڌ جو عوام ۽ مظلوم ماڻهو ئي سنڌ جا وارث آهي، جيئي ڀٽو جا نعرا نه پر جيئي عوام جا نعرا هڻو، هن چيو ته مان پنهنجي ڪزن خلاف ناهيان هو سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن سڀ جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو چوندا ته عوام کي وساري ڇڏيندا، هن چيو ته مان سياست جي باري ۾ وڌيڪ نٿو ڄاڻان، مان آرٽ ۽ وائلڊ لائف جي باري ۾ ڄاڻان ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.