اسريل ملڪ موسمياتي تبديلين جي متاثر پٺتي پيل ملڪن جي مدد لاءِ تيار، فنڊ قائم

شرم الشيخ (م ڊ) شرم الشيخ ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس دوران ماحولياتي تبديلين جي متاثر اسرندڙ ملڪن کي معاوضو فراهم ڪرڻ جو تاريخي معاهدو ٿيو آھي ماحولياتي تبديلين بابت گڏيل قومن جي ڪوپ ٽوينٽي سيون اجلاس ۾ معاهدي تي اتفاق ٿي ويو، اجلاس ۾ 200 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن پاران شرڪت ڪئي وئي. گڏيل قومن تحت ڪوپ 27 اجلاس ۾ ماحولياتي نقصان جي ازالي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو، مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ٻن هفتن کان جاري ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪن مالدار ۽ گدلاڻ پکيڙيندڙ کان مطالبو ڪيو هو ته کين ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪيو و ڃي. ٻن هفتن جي ڳالهين کانپوءِ اهو مطالبو منظور ڪيو ويو. ٻن هفتن تائين جاري رهندڙ ڳالهين بعد شاهوڪار ملڪن اسرندڙ ملڪن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ هڪ فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو . وفاقي وزير شيري رحمان معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اِهو معاهدو ماحولياتي انصاف ڏانهن پهرين وِک آهي، 134 مُلڪن لاءِ فنڊ قائم ٿيڻ ۾ 30 سال لڳا، فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿي چُڪو آهي، هاڻي پاڪستان فنڊ جي فعال ٿيڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاران ماحولياتي تبديلين جي متاثر ملڪن لاءِ بين الاقوامي فنڊ جو قيام وڏي ڪاميابي قرار ڏنو ويو آھي. وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سندس ٽيم جون ان ڏس ۾ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، ڪوپ ٽوينٽي سيون پاران فنڊ جو قيام ماحولياتي انصاف واري هدف ڏانهن پهريون قدم آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.