توشاخانه ڦرلٽ: عمران خان به گيلاني وانگر امتحان ۾ ناڪام

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا) سعودي عرب کان مليل گهڙي عمران خان لاءِ وڏو امتحان هئي پر هو به يوسف رضا گيلاني وانگر ان امتحان ۾ ناڪام ٿي ويو، ۽ گهڙي وڪڻڻ ۾ هن زرو به نه سوچيو ته هن جو انجام به پاڪستان جي اڳوڻن حڪمرانن جهڙو ٿي سگهي ٿو.

عمران خان جي پنهنجي پٽن جو سوشل ميڊيا تي ڪو به اڪائونٽ ناهي پر هن جا حامي سوشل ميڊيا تي عمران خان خلاف ڪا به ڳالهه برداشت نٿا ڪن، نوجوانن جي اهڙي برين واشنگ ڪئي وئي آهي جو انهن کي لڳي ٿوته سندن ليڊر ايماندار آهي.

پاڪستان ۾ سياسي اشرافيه پنهنجي ڪرپشن جي دفاع لاءِ غريب نوجوانن کي سوشل ميڊيا تي لڳائي ڇڏيو آهي، سعودي گهڙي وڪرو ڪرڻ واري معاملي تي اسد عمر فرمائي ٿو ته سوشل ميڊيا ۾ ويٺل انصافين ئي ڪافي آهن!

حالانڪه نوجوانن کي ته عمران ۽ پي ٽي آءِ قيادت کان سوال ڪرڻ گهرجي ته توهان ته آصف زرداري ۽ نوازشريف کان مختلف هئڻ جون دعوائون ڪندا هئا پر هاڻي ته انهن جهڙا ئي ٿي ويا آهيو؟عمران خان کي ته يوسف رضا گيلاني جو مثال سامهون رکڻ گهرجي ها،  ترڪي جي خاتون اول وزيراعظم هوندي يوسف رضا گيلاني کي زلزلي متاثرن لاءِ هار  ڏنو هو ،اهو هار گيلاني پنهنجي گهر کڻي ويو هو،  خان کي پئسي جو لالچ نه هو ته سعودي قيمتي گهڙي دبئي جي بازار ۾ وڪڻي ڪئين ڪروڙين رپيا ڪمايا ويا؟

عمران خان ته توشاخانه جي اهي قانون ختم ڪرڻ آيو جنهن تحت پرويز مشرف، شوڪت عزيز، يوسف رضا گيلاني، نوازشريف، آصف زرداري، چوڌري شجاعت  بي تحاشه لٽ مار ڪئي، هاڻي توهان ۾ ۽ انهن حڪمرانن ۾ ڪهڙو فرق آهي، هو به آصف زرداري ۽ نوازشريف جي صفن ۾ وڃي بيٺو هوجن توشاخانه قانون تحت ڦرلٽ ڪئي، آصف زرداري ۽ نوازشريف ته اهو چئي سگهن ٿا ته اسان قيمتي تحفا وڪرو ڪري سعودي عرب ۽ پاڪستانين کي شرمسار نه ڪيو.

نوٽ: رئوف ڪلاسرا جو هي تبصرو روزاني عوامي آواز 22-11-21 تي شايع ٿيو  

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.