عمران خان ۽ ارشد شريف جي قتل جي سازش نواز شريف وٽ ٿي: ن ليگ اڳواڻ

لنڊن ( م ڊ) مسلم ليگ ن جو اڳواڻ سڏائيندڙ دعويٰ ڪئي آهي ته  عمران خان ۽ ارشد شريف جي قتل جي سازش نواز شريف وٽ ويهڪ ۾  ٿي. تسنيم حيدر نالي شخص چيو آهي ته  20 سيپٽمبر ۽ 29 آڪٽوبر تي فيصلو ٿيو ته ٻنهي کي رستي تان هٽايو ويندو.نئين آرمي چيف جي مقرري کان اڳ ٻنهي کي قتل ڪرڻ جو چيو ويو. هن چيو ته ناصر بٽ منهنجو تعارف نواز شريف سان ڪرايو، نواز شريف کي ٻڌايو ويو ته هن وٽ شوٽر آهن. وزيرآباد ۾ فائرنگ ٿي ته الزام پرويز الاهي تي لڳندو.  هوڏانهن ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب تسينم حيدر جي دعويٰ رد ڪندي چيو ته تسنيم حيدر نالي شخص جو ن ليگ سان تعلق ناهي، نه ئي هو ن ليگ لنڊن جو ترجمان آهي.  ن ليگ جي آفيشل ويب سائيٽ تي ڄاڻايو ويو آهي ته تصوير ۾ نظر ايندڙ شخص پي ٽي آءِ لنڊن جو آرگنائزر آهي، هنن خانگي ٽي وي اي آر واءِ کي چئلينج ڪيو آهي ته هي خبر برطانيا ۾ آن ايئر ڪري ڏيکاري. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.