پنڊي طرف لانگ مارچ جو سڏ گدڙ واريون ڀڀڪيون آھن . شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پنڊي طرف لانگ مارچ جو سڏ خالي گدڙ واريون ڀڀڪيون  آھن . ھن چيو ته عمران خان سياسي بند گهٽي طرف وڃي رهيو آهي ۽  هاڻي فيس سيونگ گهري رهيو آهي جيڪا هن کي  نه پئي ملي . ھن چيو ته عمران خان واحد ليڊر آهي جنهن کي پنجاب جو وڏو وزير به ڪوڙو سمجهي ٿو. اڄ تائين پرويز الاهي اهو ناهي چيو ته عمران خان ايف آءِ آر لاءِ جيڪي نالا ڏنا، اهي سھي آهن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پهرئين دنيا عمران کي ڪرڪيٽر طور سڃاڻيندي هئي، هاڻي عمران سڄي دنيا ۾ گھڙي چور طور بدنام ٿي چڪو آهي. دنيا سندس گھڙين جي چوري جا مثال ڏئي رهي آهي. هن چيو ته بطور وزيراعظم عمران خان پاڪستان جو نالو بدنام ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان تقريرن ۽ انٽرويوز ۾ ته ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي پر پردي پٺيان عمران خان ۽ سندس اڳواڻن طرفان معافي جا پيغام اچي رهيا آهن..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.