گوادر کي حق ڏيو تحريڪ ٻيهر شروع، ڌرڻو، پورٽ ويندڙ سمورا رستا بلاڪ

گوادر(م ڊ) گوادر کي حق ڏيو تحريڪ پاران  قائد مولانا هدايت الرحمان ۽ سربراهه حسين واڍيله جي اڳواڻي ۾ مطالبن تي عملدرآمد جي حق ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن گوادر پورٽ سان گڏ ايسٽ بي ديمي زر ايڪسپريس وي تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ڪجهه ماڻهو ڪفن پائي ريلي ۾ شريڪ ٿيا،  پورٽ ويندڙ رستو مڪمل بند ٿي ويو،تحريڪ پاران مطالبن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي 27 آڪٽوبر کان هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، سندن مطالبن ۾ بلوچستان جي سامونڊي حدن ۾ ٽرالرن ذريعي غيرقانوني مهاڻن کي روڪڻ، لاپتا ماڻهن جي بازيابي، ايران سان سرحدي واپار ۾ وڌ کان وڌ رعايتون ڏيڻ، منشيات جو خاتمو ۽ گوادر  جا مسئلا شامل آهن، ڌرڻي ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، حق ڏيو تحريڪ جي سربراهه مولانا هدايت الرحمان چيو ته اسان گوادر پورٽ کي ان ڪري بند ڪري رهيا آهيون ته هتان جي ماڻهن کي ڪا اهميت ناهي، هتان جي زمينن، پورٽ ۽ ترقياتي ڪمن جي اهميت آهي پر گوادر جي ماڻهن جي اهميت ناهي، هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي ماڻهن جي ڪا اهميت ناهي ته پوءِ اسان پورٽ ۽ ٻين رٿائن کي بند ڪري ڇڏينداسين، اڄوڪي ريلي ۽ پورٽ يوندڙ شاهراهه  جي بندش هڪ پيغام آهي، جيڪڏهن عوام جي مطالبن تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته پوءِ اسان عوام سان گڏجي آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.