ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل بلوچستان واسي بازياب نه ٿيا، وارثن جو احتجاج

ڊيرا مراد جمالي واسي مغوي ٽرڪ ڊرائيور گل حسن ۽ شير محمد بروهي جي وارثن ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مغوين جي وارثن ڪريم داد ۽ نيڪ محمد بروھي جو چوڻ هو ته سندن نوجوانن کي ڏوهاري 5 ڏينهن اڳ ڪرمپور ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪري هئا، جن جي بازيابي لاءِ تشدد واري وڊيو وائرل ڪري پنجاهه لک ڀنگ گھريو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته غربت سبب رقم ادا نٿا ڪري سگھن، پوليس به تعاون نه پئي ڪري، اختياريون نوٽيس وٺي نوجوانن کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.