ڀان سيد آباد ۾ تيز رفتار سوزڪي ڪلٽي، هڪ پورهيت فوت، 3 زخمي

انڊس هاءِ وي تي واهڙ وٽ سوزڪي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو موقعي تي فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، جتي فوتي جي سڃاڻپ پورهيت محمد خاصخيلي، جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ ارباب، بلو ۽ خان محمد طور ٿي.

ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان ۽ زخمي ڳوٺ نگاول جا رهواسي هئا،  جيڪي پورهئي لاءِ ڀان وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.