هم جنس پرستن جي ڪلب ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هم جنس پرستن جي ڪلب ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن فائرنگ ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

فرانسيسي خابرو ايجنسي موجب آمريڪي شهر ڪولوراڊو ۾ LGBTQ جي نائٽ ڪلب ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 18 زخمي ٿي پيا.

پوليس ترجمان پاميلا ڪاسترو موجب فائرنگ جو واقعو ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات پيش آيو جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس واقعي واري هنڌان هڪ شڪي ماڻهو کي زخمي حالت ۾ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

واقعي جي وقت ڪلب ۾ هڪ ڊانس پارٽي جاري هئي ۽ ڪلب آچر 20 نومبر جي شام تي ٽرانس جينڊر ڊي آف ريميمبرنس جي سلسلي ۾ هڪ پرفارمنس ايونٽ جو اهتمام ڪري رهيو هو.

حملي جو نشانو بڻجندڙ ڪلب جي فيس بڪ پيڪج تي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته بهادر صارفين جي فوري رد عمل جي مهرباني جن بندوق بردار کي جهڪائي وڌو ۽ ان نفرت ڀري حملي کي ختم ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.