عورت جگر جو ٽڪڙو ڏئي مڙس جي حياتي بچائي ورتي

قاهرا (ويب ڊيسڪ) عورت پنهنجي جگر جو ٽڪڙو ڏئي مڙس جي حياتي بچائي ورتي.

مصر ۾ عورت مڙس جي حياتي بچائڻ لاءِ وڏي قرباني ڏئي ڇڏي، پنهنجي جگر جو ٽڪڙو عطيو ڪري ڇڏيو.

العربيا چينل موجب مصر جي راڄڌاني ڪائرا جي اتر اولهه ڪمشنري ۾ رهندڙ 43 ورهين جي هبا عطيا ابراهيم گھڻي عرصي کان هيپٽائٽس جي مرض ۾ ورتل مڙس کي پنهنجي جگر جو ٽڪڙو ڏئي سندس حياتي بچائي ورتي آهي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته آپريشن ڪامياب رهيو ۽ هاڻ ٻنهي جي صحت تيزي سان سڌرندي پئي وڃي.

هبا عطيا ابراهيم انٽرويو ۾ ٻڌايو ته 17 ورهيه اڳ مڱڻي جي هڪ مهيني کانپوءِ خبر پئي هئي ته سندس ٿيندڙ مڙس کي هيپٽائٽس جو مرض ٿي ويو آهي، هاڻ آخري اسٽيج تي پهچي چڪو هو، پر ڪٿان کان پيوندڪاري لاءِ جيئرو عطيو نه پيو ٿئي.

هن ٻڌايو ته هرپاسي کان مايوس هجڻ کانپوءِ پنهنجي جگر جو ٽڪڙو عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر ان تجويز تي مڙس اهو چئي انڪار ڪيو ته جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ٻارن جو ڇا ٿيندو، پر گھر واري جي رضامندي تي هن به مڃي ورتو.

مصري عورت موجب جڏهن سندس مڱڻي کانپوءِ مڙس کي هيپٽائٽس جو انڪشاف ٿيو ته والدين خاطري ڪرائي هئي ته قسمت جي ڳالهه آهي، موت هڪ صحتمند انسان کي به ڪنهن وقت اچي سگھي ٿو ۽ بيمار صحتمند ٿي سگھي ٿو.

هبا عطيا ابراهيم ٻڌايو ته شادي کانپوءِ سندس زندگي خوشگوار گذري، ٽي ٻار به ڄاوا، والدين جي مرڻ کانپوءِ مڙس گھڻو خيال رکيو پر ڪجهه عرصو اڳ مڙس جو مرض وڌي ويو ڊاڪٽرن جيئري جي پيوندڪاري جي تجويز ڪئي.

مصري عورت ٻڌايو ته سڀني ڄاتل سڃاتلن سان رابطو ڪيو پر ڪنهن جيئري جو چوٿين حصو ڏيڻ جي حامي نه ڀري جنهن تي هن پنهنجي جيئري جو ٽڪڙو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.