ڪراچي: ڪي پي ٽي جو ڪياماڙي ۾ قبضا مافيا خلاف آپريشن جو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ڪراچي جي بندرگاهه ڪياماڙي ۾ قبضا مافيا خلاف آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ڪي پي ٽي طرفان ڪياماڙي ۾ قبضا مافيا خلاف آپريشن سڀاڻي ڪيو ويندو.

ان حوالي سان ڊپٽي ڪمانڊنٽ پورٽ سيڪيورٽي فورس، ايس ايس پي ڪياماڙي کان نفري طلب ڪئي آهي.

جاري ڪيل دستاويز موجب قبضا مافيا خلاف آپريشن ڪي پي ٽي جي زمينن تان قبضو ڇڏائڻ لاءِ ڪيو ويندو، قبضا مافيا خلاف آپريشن لاءِ پوليس موبائل ۽ نفري سڀاڻي منجهند 12 وڳي طلب ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.