ڪهاڙي بردارن عورت سميت ٽن ڄڻن کي ڌڪ هڻي ماري ڇڏيو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي خضدار جي تعلقي ڪرخ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ گھڙي عورت سميت 3 ڄڻن کي ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڪالي اڪرو ۾ اڻڄاتل جوابدارن گهر ۾ گهڙي عورت سميت 3 ڄڻن کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتا، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.