لانڍي نينگري سان زيادتي وارو مامرو: ”2 ڏينهن ٿاڻي جا چڪر لڳايا، پوليس ڪن نه ڏنو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ڪچري جي ڍير مان ڇوڪريءَ جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي تي 5 آفيسرن تي ٻڌل جاچ ٽيم جوڙي وئي.

پوليس موجب 8 ورهين جي ٻارڙي جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ هن وقت تائين 10 جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ ويجهو شڪي ماڻهن جا ڊي اين اي نمونا ورتا ويا آهن، جن جا اڃا تائين نتيجا نه اچي سگهيا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته قائد آباد ٿاڻي جي هيڊ محرر، ڊيوٽي آفيسر سميت 3 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، اهلڪارن مقتول ڇوڪري جي پيءُ سان سهڪار نه ڪيو.

واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل ڇوڪري جو لاش ڪراچي جي علائقي لانڍي مان خالي پلاٽ مان هٿ آيو هو، ڇوڪري سان زيادتي ۽ تشدد جي تصديق ٿي چڪي آهي.

نينگري جي وارثن جو چوڻ هو ته هو 2 ڏينهن تائين ٿاڻي تي ويا پر ڪيس داخل نه ٿيو ۽ نه ئي پوليس ڪا مدد ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.