آمريڪي صدر بائيڊن جي پوٽي پرڻجي وئي، تصويرون وائرل

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ جيل بائيڊن جي پوٽي ناومي جي شادي وائيٽ هائوس جي لان ۾ ٿي، جنهن ۾ گهرڀاتين سميت اهم ماڻهن شرڪت ڪئي.

Naomi Biden Wedding . https://www.instagram.com/p/ClJ713Ovm2q/. Credit: John Dolan
آمريڪي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن موجب 28 سالن جي ناومي بائيڊن پنهنجي دوست 25 سالن جي پيٽر نيل سان شادي ڪئي. ٻئي هڪ ٻئي کي 4 سالن کان سڃاڻندا هئا.

Naomi Biden Wedding . https://www.instagram.com/p/ClJ713Ovm2q/. Credit: John Dolan
شادي جي شاندار تقريب وائيٽ هائوس جي هڪ لان ۾ ٿي جنهن لاءِ لان ۽ عمارت کي خوبصورتي سان سجايو ويو هو.
تقريب ۾ ملڪ جي اهم شخصيتن، خاندانن ۽ دوستن سميت 250 ماڻهن شرڪت ڪئي.

Naomi Biden Wedding . https://www.instagram.com/p/ClJ713Ovm2q/. Credit: Corbin Gurkin
واضح رهي ته وائيٽ هائوس ۾ ڏهن سالن کانپوءِ شادي ٿي آهي.
صدر جو بائيڊن جي پوٽي پڻ هڪ وڪيل آهي جڏهن ته هن جي مڙس پڻ تازو قانون جي اسڪول مان گريجوئيشن ڪئي آهي.
ٻئي پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهن ۽ اهو ئي سندن ويجهو هجڻ جو سبب به آهي.
وائيٽ هائوس انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شادي جا سمورا خرچ بائيڊن خاندان ادا ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.