عمران خان جو پنڊي پهچڻ جو اعلان، آءِ جي اسلام آباد وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان چيو آهي ته 26 نومبر تي راولپنڊي کان اسلام آباد جي داخلي رستن کي بند ڪري سگهجي ٿو.

اسلام آباد ۾ آءِ جي اڪبر ناصر خان جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي امڪاني جلسي تي خطرن جي ڪاٿي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس دوران آءِ جي چيو ته 26 نومبر تي راولپنڊي کان اسلام آباد جي داخلي رستن کي بند ڪري سگهجي ٿو، رستن جي بندش سان ماڻهن کي ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون، اسلام آباد ۾ ڪا به سياسي سرگرمين قانون موجب ۽ انتظاميا جي اجازت سان ٿيندي، ريڊ زون جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس، ايف سي ۽ رينجرز مقرر هوندي.

هن چيو ته دهشتگردي جي خطرن کي ڏسندي سڄي ضلعي ۾ سرچ آپريشن ڪيا ويندا، ڊيوٽي تي مقرر اهلڪارن کي ڊرونز ۽ باڊي ڪئميرائون فراهم ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.