رڍن جي پراسرار عمل سڀني کي ڇرڪائي ڇڏيو، 12 ڏينهن کان چوڦير ڦرنديون رهيون !

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي هڪ فارم تي سوين رڍون 12 ڏينهن کان ڦري رهيون آهن، انٽرنيٽ تي ’پراسرار رڍن جي حرڪت‘ جي وڊيو ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

هي خبر ۽ وڊيو عالمي ميڊيا ڏني آهي جنهن سڄي دنيا جي ميڊيا جي ڌيان ڇڪايو آهي

ماڻهو حيران آهن ته اتر چين جي شهر منگوليا ۾ رڍن جو هي ڌڻ ٻن هفتن کان هڪ دائري ۾ ڇو گھمي رهيو آهي؟ .

چين جي سرڪاري نيوز سائيٽ پيپلز ڊيلي 10 ڏينهن کانپوءِ ان عجيب واقعي جي سيڪيورٽي فوٽيج ٽوئيٽ ڪري ان کي پراسرار رڍون قرار ڏنو.

رپورٽ ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو ته رڍون صحتمند آهن، انهن کي ڪا به بيماري نه آهي، ان ڪري رڍن جي هن ‘عجيب رويي’ جو سبب اڃا تائين هڪ راز آهي.

وڊيو ڪلپ ۾ سوين رڍن کي گڏ هڪ فارم ۾ هڪ جاءِ جي چوڌاري ڦرندي ڏٺو ويو جڏهن ته انهن جي چوڌاري ٻيون رڍون بي پرواهه نظر اچن ٿيون.

 

رڍن جي مالڪ ميائو جي دعويٰ آهي ته شروعات ۾ رڍون هڪ دائري ۾ هلڻ لڳيون پوءِ آهستي آهستي ٻيون رڍون به هنن سان گڏ ’ٽريڪ‘ ۾ شامل ٿي ويون.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ان عجيب رويي جو هڪ سبب هڪ بيڪٽيريا جي بيماري ’listeriosis‘ به ٿي سگهي ٿي، جنهن جي ڪري جانور هڪ دائري ۾ گهمڻ لڳندا آهن، ڇاڪاڻ ته اها بيڪٽيريا دماغ جي هڪ پاسي کي مفلوج ڪري ڇڏيندي آهي.

بهرحال، ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن رڍن کي اهو انفيڪشن هجي ها ته اهي وڌ ۾ وڌ ٻن ڏينهن ۾ مري وڃن ها پر هي 12 ڏينهن کان دائري ۾ ڪيئن ڦري رهيون آهن، اهو ڳجهارت بڻجي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.