ڏيڍ صدي اڳ دنيا مان ختم ٿيل ناياب پکي کي ٻيهر ڏٺو ويو، سائنسدان حيران

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاپوا نيو گني ۾ دنيا جي ناياب گم ٿيل پکين مان هڪ دريافت ڪيو ويو آهي.

ماهرن موجب اها 140 سالن کانپوءِ هڪ غير معمولي ڪاميابي آهي.

آمريڪي سائنسدانن ڪبوتر جهڙو ناياب پکي ٻيهر دريافت ڪيو آهي جنهن کي آخري ڀيرو 140 سال اڳ ڏٺو ويو هو.

هن ناياب پکي جي ڳچيءَ جو مٿيون حصو ڪارو آهي 140 سالن کان پوءِ هن پکي جي موجودگيءَ جو پتو پيو آهي.

جرنل Audubon موجب، پکي کي سيپٽمبر ۾ فرگوسن ٻيٽ تي ڏٺو ويو، جيڪو پاپوا نيو گني جي اوڀر ڪناري تي واقع آهي.

ڪاري ڳچيءَ وارو فيزنٽ ڪڪڙ جي سائيز جو هوندو آهي ۽ انهن پکين مان هڪ آهي جن کي هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي کان نه ڏٺو ويو آهي.

محققن جي ڪئمرائن ۾ رڪارڊ ڪيل ناياب پکيءَ جو ذڪر 1882ع کان وٺي اڄ تائين ڪنهن ٻئي دستاويز ۾ نه ڪيو ويو آهي.

آمريڪي برڊ ڪنزروينسيءَ جي گم ٿيل پکين جي پروگرام جي ڊائريڪٽر ۽ اٺ رڪني مهم جي شريڪ اڳواڻ جان سي ميٽرميئر جو چوڻ هو ته هي هڪ خيالي پکي لڳي ٿو ته ڇو ورهين کان هي ختم ٿي چڪو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.