عمران خان جو گهڙي کانپوءِ ٻيو اسڪينڊل اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) توشه خانه اسڪينڊل ۾ عمران خان جي هڪ ٻي ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.

عمران خان توشا خاني مان نه رڳو هڪ گھڙي پر قيمتي منڊيون به حاصل ڪيون.

نجي ٽي وي موجب عمران خان کي وزير اعظم طور عالمي دوري دوران ڪل 89 تحفا مليا، جن مان 43 تحفا هن بنا ڪنهن معاوضي جي پاڻ وٽ رکيا.

سرڪاري دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي هڪ عرب ملڪ مان 2 هيرن جون منڊيون تحفي ۾ مليون، منڊين جو اگهه 2 لک 30 هزار لڳايو ويو، 50 سيڪڙو ادائيگي لاءِ رڳو هڪ لک 15 هزار 200 رپيا ادا ڪيا ويا.

عمران خان هڪ منڊي 40 هزار 400 رپين ۾ جڏهن ته ٻي رڳو 74 هزار 700 رپين ۾ حاصل ڪئي.

توشا خاني مان ورتل منڊيون عمران خان وٽ ئي آهن يا نه، ان حوالي سان سرڪاري دستاويزن ۾ واضح ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.