توشا خانا ڪيس: فرح گوگي جي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توشا خانا تحفن جي وڪري ۾ فرح گوگي کي اسمگلنگ ۾ مدد ڏيڻ وارن سمورن ملوث ڪردارن جو گھرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن موجب پاڪستان سرڪار يو اي اي حڪومت سان فرح گوگي جي آمد جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو، رڪارڊ موجب 2018 کان 2022 دوران فرح گوگي ڪيترائي ڀيرا يو اي اي آئي.

فرح گوگي کي پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ جو اميگريشن رڪارڊ موجود ناهي، حڪومت پاڪستان ۾ فرح گوگي کي اميگريشن ۾ سهولت ڏيڻ وارن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي.

فرح گوگي وٽ جمهوريا وينو آ تو جو پاسپورٽ به هيو ۽ هو ٻاهرين ملڪ سفر لاءِ جمهوريا وينو آ تو جو پاسپورٽ به استعمال ڪندي رهي، دبئي ۾ قائم ڪمپني جي ذريعي فرح گوگي کي هي پاسپورٽ مليو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.