سستو تيل ۽ گيس خريدڻ لاءِ روس سان باضابطا رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سستو تيل ۽ گيس خريدڻ لاءِ پاڪستان جو روس سان باضابطا رابطو ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب روس سان پرڏيهي وزارت ۽ پيٽروليم وزارت جي سطح تي خطن جي ڏي وٺ جي شروعات ٿي وئي، روس کي ٻڌايو ته تيل ۽ گيس جي خريداري ۾ دلچسپي آهي، خريداري جو شرط آهي ته اسان تي پابنديون نه لڳن.

ذريعن پاران ٻڌايو ويو ته دعوت ملڻ تي پاڪستاني وفد روس جو دورو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، روس کان تيل ۽گيس جي خريداري قومي مفاد ۾ ڪئي وڃي، پاڪستان تيل ۽ گيس جي خريداري ۾ ڪنهن گلوبل ٽريٽي جي ڀڃڪڙي نه ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.