ڳورهاري عورتن کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي؟

 

حمل دوران عورتون جيڪي عادتون اختيار ڪنديون آهن، اهي ٻار تي به اثرانداز ٿينديون آهن، ڳورهاري عورتن کي پنهنجي صحت جو به خاص خيال رکڻ گهرجي ته جيئن انهن جي ٻار جي صحت پڻ سٺي رهي سگهي.

ته حمل دوران عورتن کي ڪهڙيون عادتون اختيار ڪرڻ گهرجن ۽ ڪهڙيون غذائون کائڻ گهرجن؟ هيٺ پڙهو

متوازن غذا

متوازن غذا اسان جي مجموعي صحت جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، تنهن ڪري حمل دوران به اهڙي غذا جو استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪا اسان جي صحت لاءِ سٺي هجي ۽ حمل لاءِ به فائديمند هجي.

ملٽي وٽامنز

متوازن غذا جيڪا وٽامنز ۽ منرلز سان ڀرپور هجي توهان جي جسم کي اهي سمورا غذائي جُزا فراهم ڪندي آهي، جنهن جي توهان کي ضرورت آهي، اهو توهان جي ٻار کي غذائي جُزا ۽ واڌ ويجهه فراهم ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي پر صحتمند ۽ متوازن غذا ئي ڪافي ناهي، توهان کي حمل دوران ملٽي وٽامنز جي به ضرورت هوندي آهي، جن ۾ فولڪ ايسڊ، آئرن، ڪيلشيم شامل آهي.

ڀرپور ننڊ

سٺي ۽ ڀرپور ننڊ مجموعي صحت لاءِ تمام ضروري آهي، ڇو ته ننڊ پوري نه ٿيڻ سان ٿڪاوٽ ٿيندي آهي ۽ ٻيا به مسئلا پيش ايندا آهن، ڳورهاري عورتن کي به سٺي ۽ پوري ننڊ ڪرڻ گهرجي، خاص طور تي آخري مهينن ۾.

ورزش

ڪيتريون ئي عورتون اڪثر حمل دوران ڪو به ڪم ڪرڻ کان پرهيز ڪنديون آهن پر اهو درست ناهي، ڳورهاري عورتن کي ڪم جاري رکڻ گهرجي، ڇو ته ورزش حمل لاءِ سٺي آهي، ورزش ماءُ ۽ ٻار ٻنهي جي صحت لاءِ سٺي آهي، باقاعدي ورزش سان توهان ننڊ نه اچڻ، جسم ۾ سُور، وزن ۾ واڌ جهڙن مسئلن مان جان ڇڏائي سگهو ٿا.

فاسٽ فوڊ ۽ سافٽ ڊرنڪس کان پرهيز

ڳورهاري عورتن کي فاسٽ فوڊ ۽ سافٽ ڊرڪس کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، اهي شيون ٻار جي صحت کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون، سافٽ ڊرنڪ توهان جي ڪيلشيم جي ليول کي گهٽ ڪري سگهي ٿي، تنهن ڪري ان جو استعمال ڇڏي ڏيو.

گوشت جو گهڻو استعمال نه ڪرڻ گهرجي

ڳورهاري عورتن کي گهڻو گوشت نه کائڻ گهرجي، ان سان قبض سميت ٻيا مسئلا ٿي سگهن ٿا، اهڙين عورتن کي سبزين ۽ ميون جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ گهرجي.

ڪيفين به نقصانڪار

ڳورهاري عورتن کي ڪيفين جو وڌيڪ استعمال به نه ڪرڻ گهرجي، ان سان دل جو ڌڙڪو تيز ٿي سگهي ٿو، هڪ تحقيق موجب حمل واريون عورتون ڏينهن ۾ ٻه ڪوپ پي سگهن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.