نوجوان ماڊل سان هلندڙ گاڏي ۾ اجتماعي لڄالٽ

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا جي علائقي ڪوچي ۾ نوجوان ماڊل کي هلندڙ گاڏي ۾ اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.

متاثر 19 ورهين جي ماڊل جو واسطو سرگوڊ سان آهي، جنهن پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائيندي چيو ته مان خميس جي رات چن شپ ياڊ ۾ هڪ بار وئي هيس، جتي ڊي جي پارٽي جاري هئي، راجسٿان جي هڪ ڇوڪري به مون سان گڏ هئي، جنهن جو نالو ڊمپل لامبا عرف ڊولي آهي.

ماڊل وڌيڪ چيو مون کي شڪ آهي ته منهنجي بيئر ۾ ڪجهه ملايو ويو، جڏهن مان نشي ۾ ڌت ٿي ويس ته اها ڇوڪري مون کي 3 ساٿين سان گڏ گاڏي ۾ وٺي وئي، جن جي سڃاڻپ نيٿن، سوديپ ۽ وويڪ جي نالن سان ٿي آهي، گاڏي شهر ۾ 45 منٽن تائين هلندي رهي ۽ ٽنهي ڄڻن واري واري سان منهنجي لَڄ لُٽي.

ڇوڪري چيو ته مون کي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ جوابدار واپس بار ويا، جتان انهن راجسٿان جي ڊولي کي کنيو.

پوليس ڇوڪريءَ جي شڪايت تي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته واردات ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي به قبضي ۾ ورتي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.