عمران خان ۽ ڀارتي ميڊيا هڪ پيج تي آهن: سعيد غني

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان ملڪي مفادن جو سودو ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ڀارتي ميڊيا هڪ پيج تي آهن.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته عمران خان اقتدار تان ويندي ويندي ملڪ لاءِ بارودي سرنگهون وڇائي ويو، هن دوست ملڪن کان ملندڙ تحفا کپائي ڇڏيا، کيس اليڪشن ڪميشن ۽ ميڊيا سڀ نٿا وڻن.

هن چيو ته هڪ آئيني اداري جي سربراهه جي مقرري کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، عمران خان ذهني طور مفلوج آهي، هو سمجهي ٿو ته غير آئيني ڪم ڪري حڪومت ۾ اچي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.