سڀ کان وڏي عهدي جي تذليل آئين جي تذليل آهي: عمران اسماعيل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سپريم ڪمانڊر کي ڌمڪي ڏيندڙ ڪنهن کي نظر نه پيو اچي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته ڪرپٽ پٽ لاڏلو بڻيل آهي، سپريم ڪورٽ کي اهڙن بيانن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته سڀ کان وڏي عهدي جي تذليل جو مقصد آئين جي تذليل آهي.

واضح رهي ته پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن صدر عارف علوي آرمي چيف جي مقرري ۾ گڙٻڙ ڪئي ته نتيجا ڀوڳيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.