سارا علي خان سان عاشقي، ڀارتي ڪرڪيٽر سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي نواب سيف علي خان جي ڌيءَ سارا علي خان سان عاشقي جي خبرن تي ڀارتي ڪرڪيٽر ردعمل ڏئي ڇڏيو.

گذريل ڪجهه عرصي کان ڀارتي ميڊيا سميت سوشل ميڊيا تي خبرون گردش هيٺ هيون ته سارا علي خان ۽ شبمن گل جا لاڳاپا گهرا ٿي رهيا آهن ۽ ٻئي هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهن.

ان حوالي سان نه اداڪارا ڳالهايو هو، نه ئي ڀارتي ڪرڪيٽر ڪجهه چيو هو پر هاڻ تازي انٽرويو ۾ شبمن ان موضوع تي کليل نموني ڳالهايو آهي.

ڀارتي بيٽر کان انٽرويو دوران پڇيو ويو ته بالي ووڊ جي سڀ کان فٽ اداڪارا ڪهڙي آهي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته سارا علي خان.

پوءِ ڪرڪيٽر کان ميزبان پڇيو ته ڇا توهان ۽ سارا هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهيو؟ ڇو ته ان حوالي سان گهڻا افواهه آهن.

جواب ۾ شبمن مرڪندي چيو ته شايد، جنهن تي ميزبان چيو سڄو سچ ٻڌايو.

ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته مان سمورو سچ ٻڌائي ڇڏيو، شايد ها ڪري رهيو آهيان، شايد نه ڪري رهيو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.