ايلون مسڪ ماڻهن جي چوڻ تي ٽرمپ جو ٽوئيٽر اڪائونٽ بحال ڪري ڇڏيو

 

سوشل ميڊيا ايپ ٽوئيٽر جي باني ايلون مسڪ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو معطل اڪائونٽ بحال ڪري ڇڏيو.

ايلون مسڪ گذريل ڏينهن ٽوئيٽر واهپيدارن کان پڇيو هو ته ڇا ڊونلڊ ٽرمپ کي ٽوئيٽر تي واپس آڻڻ گهرجي يا نه؟ جنهن تي 52 سيڪڙو واهپيدارن چيو ته ٽرمپ کي ٽوئيٽر تي موٽڻ گهرجي.

هاڻ ايلون مسڪ ڊونلڊ ٽرمپ جو ٽوئيٽر اڪائونٽ بحال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو اطلاع ايلون مسڪ سوشل ميڊيا تي ئي ڏنو.

هن چيو ته 134 ملين ماڻهن ٽرمپ جي حوالي سان پول کي ڏٺو ۽ 52 سيڪڙو سندس اڪائونٽ بحال ڪرڻ جي حق ۾ فيصلو ڏنو.

واضح رهي ته ٽرمپ جو اڪائونٽ 2021 ۾ چڙ ڏياريندڙ بيانن سبب معطل ڪيو ويو هو ۽ ٽرمپ به پنهنجو اڪائونٽ معطل ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر ان پليٽ فارم تي نه اچڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.