ڀارتي اداڪارا 24 ورهين جي عمر ۾ ديهانت ڪري وئي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا اينڊريلا شرما 24 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب اينڊريلا شرما هڪ هفتي تائين دماغ تي اڌ رنگ جي حملي سان وڙهندي آچر جي صبح لاڏاڻو ڪري وئي.

ڀارتي اولهه بنگال رياست جي شهر مرشد آباد واسڻ اينڊريلا شرما ڀارت ۾ بنگالي ٽي وي جو ڄاتل سڃاتل چهرو هئي، هوءَ ”جيو ڪاٿي، جهومر ۽ جبن جيوتي“ جهڙن سيريلز ۾ ڪم ڪري چڪي.

اينڊريلا شرما ٻه ڀيرا ڪينسر سان وڙهي صحتياب ٿيڻ کانپوءِ 2015 ۾ ٻيهر اسڪرين تي آئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.