ڪراچي کان ڪويت لاءِ بُڪ ڪنٽينر مان 90 ڪلو گرام هيروئن هٿ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان ڪويت لاءِ بُڪ ڪنٽينر مان 90 ڪلو گرام کان وڌيڪ هيروئن هٿ ڪئي وئي آهي.

اي اين ايف ترجمان موجب ڪراچي انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل تي ڪويت لاءِ بُڪ ڪنٽينر مان 90 ڪلو کان وڌيڪ هيروئن هٿ ڪئي وئي.

هوڏانهن اسلام آباد موٽر وي ٽول پلازا ڀرسان لوڊر گاڏي مان 2 ڪلو 600 گرام هيروئن، ٻه ڪلو 400 گرام چرس ۽ 988 گرام آئس برآمد ٿي، واقعي ۾ باجوڙ واسي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

ٻئي پاسي فيصل آباد ايئرپورٽ تي اي اين ايف ۽ اي ايس ايف جي گڏيل ڪارروائي ۾ دبئي جي مسافر جي ليپ ٽاپ مان 954 گرام چرس هٿ آيو.

تربت ڪيچ جي علائقي مان 94 ڪلو چرس ۽ چمن جي علائقي مان 2881 ليٽر پابندي پيل ڪيميڪل هٿ ڪيو ويو.

جوابدارن خلاف منشيات ٽوڙ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.