مفتي رفيع عثماني جي جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي

ڪراچي(رپورٽر) نالي واري مذهبي عالم مفتي اعظم پاڪستان ۽ جامعه دارالعلوم ڪراچي جي صدر مولانا مفتي رفيع عثماني جي جنازي جي نماز (اڄ) آچر تي دارالعلوم ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي، مفتي تقي عثماني پنهنجي ٽوئٽر ۾ چيو آهي ته منهنجي شفيق ڀاءُ ۽ عالم اسلام جي عظيم شخصيت علم ۽ عمل جي پيڪر  جي جنازي جي نماز  اڄ آچر 20 نومبر تي دارالعلوم ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي،هوڏانهن وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مفتي رفيع عثماني جو شمار عالم اسلام جي نالي وارن عالمن ۽ محققن ۾ ٿئي ٿو  ، هن  پنهنجي علم جي روشني سان هڪ عالم کي منور ڪيو،

  • ”قيمتي گهڙيون وڪرو ڪرڻ تي نيب جاچ ڪري“ قرار داد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع

لاهور(م ڊ) نيب چيئرمين کي توشه خانه جي قيمتي گهڙيون وڪرو ڪرڻ جو نوٽيس وٺڻ جي مطالبي جي قرار داد پنجاب  اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. قرار داد مسلم ليگ (ن) جي ميمبر حنا پرويز بٽ طرفان ڇنڇر جي ڏينهن جمع ڪرائي وئي. قرار داد ۾ چيو ويو آهي ته ايوان توشه خانه جي قيمتي گهڙيون وڪرو ڪرڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. دوست ملڪن طرفان ملڻ وارا تحفا قوم جي امانت هوندا آهن وڪرو ڪرڻ لاءِ ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.