ڪراچي ۾ اسلاميا ڪاليج خالي ڪرائڻ تان شاگردن تي شيلنگ، واٽر ڪينن جو استعمال

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ عدالتي حڪم تي  اسلاميا ڪاليج کي خالي ڪرائڻ دوران شاگردن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، شاگردن جي انڪار تي پوليس جي اضافي نفري پهچي وئي، جنهن بعد عدالتي عملي  اسلاميا ڪاليج جي عمارت خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري مزاحمت ڪئي، ان دوران پوليس شاگردن مٿان لٺبازي ڪئي پر شاگردن عدالتي عملي کي ڪاليج اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو. پوليس شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو. پوليس ۽ شاگردن ۾ چڪرين سبب جمشيد روڊ ميدان جنگ بڻجي ويو جڏهن ته چڪرين ۽ شاگردن جي احتجاج سبب جمشيد روڊ تي ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.پوليس شاگردن کي منتشر ڪري ڪاليج جي عمارت عدالتي عملي هٿان خالي ڪرائي ڇڏي. پوليس موجب اسلاميا ڪاليج جي عمارت پرائيوٽ پراپرٽي تي قائم آهي، جنهن جو گذريل 40 سالن کاسن ڪيس هلندڙ آهي، ڪاليج جيعمارت خالي ڪرائي ٽرسٽ حوالي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.