سيوهڻ حادثي جي متاثرن کي معاوضو ڏنو وڃي: سگا

ڪراچي (پ ر) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان پنهنجي بيان ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ روڊ حادثن تي تمام گهڻي  ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. سگا جي چيئرپرسن علي حسين بروهي، سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن، ٻين مرڪزي عهديدارن ۽ سي اي سي جي ميمبرن طرفان پنهنجي بيان ۾ چيو ويو آهي ته، تازو سيوهڻ لڳ ٽريفڪ حادثي ۾ خيرپور جي ڦلپوٽا برادري جي 20  زيارتين جي فوت ٿيڻ  واري سانحي سان سموري سنڌ ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ،  ان کان علاوهه گذريل ڏينهن منگهوپير واري علائقي ۾ حد دخليون هٽائڻ واري عدالتي حڪم تي آيل واسطيدار کاتي جي عملدارن جي ٽيم تي هٿياربند جوابدارن جي حملي سبب سرڪاري ٽيم جي سربراهه  مختيارڪار اعجاز چانڊيو کي جوابدارن طرفان گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري دهشت گردي جي واقعي تي پڻ پنهنجي تمام گهڻي افسوس جو اظهار ڪيو آهي،بيان ۾ چيو ويو ته، سنڌ ۾ هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ سبب روڊ رستا ۽ سنڌ جو لڳ ڀڳ سمورو بنيادي ڍانچو تباهه ٿي چڪو آهي جنهنڪري روزانو جي بنياد تي روڊ حادثن جا واقعا ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ هر روز قيمتي انساني جانين جا نقصان ٿي رهيا آهن. سگا اڳواڻن سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته، سنڌ جي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاء کنيا وڃن ۽ روڊ رستا جلد تعمير ڪيا وڃن. سيوهڻ حادثي جي متاثر خاندانن کي ترت مناسب معاوضو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.