صدر علوي آرمي چيف مقرري ۾ گرٻڙ ڪئي ته نتيجو ڀوڳڻو پوندو: بلاول

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي چيو آهي ته خان صاحب!  اهو فيصلو ٿيڻ ڏيو، توهان کي ان معاملي تي تماشو بند ڪرڻ گهرجي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ گڙي چور حقيقي آزادي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سندس لانگ مارچ جو ڪو جمهوري مقصد ناهي، هن سدائين غير جمهوري قوتن جي ڪلهن تي سياست ڪئي آهي.هن چيو ته عمران خان طرفان تاحيات واڌ جي آڇ کي آرمي چيف رد ڪري ڇڏيو، جنرل قمر جاويد باجوا جو اهو قدم سٺو سنئوڻ آهي، عمران خان جهڙي سياستدان جو مستقبل ادارن کي تڪراري بڻائڻ سان جڙيل آهي، هو چاهي ٿو ته نيون چونڊون ٿين يا ڪنهن طريقي سان مارشل لا لڳي و ڃي.سندس چوڻ هو عمران خان کي چوان ٿو ته جيڪا راند توهان کيڏي رهيا آهيو هاڻ بند ڪيو، عمران خان آرمي چيف جي مقرري کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، آرمي چيف جي مقرري تائين کيس تماشو بند ڪرڻ گهرجي، خان صاحب اهو فيصلو ٿيڻ ڏيو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو عمل مڪمل ٿيڻ سان عمران خان جهڙن گهڻن ماڻهن جي سياست ختم ٿي ويندي، جنهن کي روڪڻ لاءِ هو پنهنجي آخري ڪوشش ڪري رهيو آهي.صدر عارف علوي بابت ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته کانئس امتحان ورتو هيوسين، بي اعتمادي وقت هن غير آئيني ڪم ڪندي اسيمبلي ٽوڙائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اميد آهي ته هن ڀيري آئين ۽ قانون تحت سڀ ڪجهه ٿيندو، صدر عارف علوي وٽ هي آخري موقعو آهي، جيڪڏهن هن گڙٻڙ جي ڪوشش ڪئي ته کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هن جو امتحان آهي ته هو عمران خان سان گڏ آهي يا آئين سان؟هن چيو ته عمران خان رڳو پنهنجو سوچي ٿو، ان جو نقصان رڳو خان کي نه پوري پاڪستان کي ڀوڳڻو پوندو، عمران خان پنهنجي سياست کي مقرري سان لنڪ ڪرائي رهيو آهي، توهان جو مقصد حقيقي آزادي آهي پنڊي ڇو چونڊيو؟ پهرين به سازش کي ناڪام ڪيو هاڻي به عمران خان جي سازش کي ناڪام ڪنداسين، هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي، وزيراعظم جيڪو به آرمي چيف مقرر ڪندو اسان گڏ هونداسين، عمران خان کي غلط فهمي آهي، جيڪڏهن جمهوريت کي نقصان ٿيو ته هن جي سياست رهندي؟ هن چيو ته پاڪستان جو جن رياستن سان تعلق هو ان کي نقصان پاڪستان جي پاليسي يا عوام جي ڪري نه بلڪه ڪنهن هڪ وزيراعظم جي انا ۽ ڪردار سبب ٿيو، پرڏيهي پاليسي کي نقصان، اسان جي خطي ۾ وچ اوڀر کان آمريڪا تائين لاڳاپن کي نقصان پهچايو ويو، عمران خان جي نام نهاد لانگ مارچ جو ڪو به جمهوري مقصد ناهي، هن چيو ته عمران خان غيرجمهوري قوتن جي ڪلهن تي سوار ٿي سياست ڪئي آهي، جڏهن اهو اداره جاتي فيصلو ڪيو ويو، پاڪستان جا ادارا ماضي وانگر تڪراري ڪردار ادا نٿا ڪرڻ چاهين ۽ آئيني ڪردار ڏانهن ٽرانزيشن ڪرڻ چاهين ٿا ان ڳالهه جي هر پاڪستاني آجيان ڪري ٿو، هن چيو ته ملڪي جمهوريت ۽ ملڪ کي ترقي ڪرڻي آهي ته هر اداري کي آئين ۾ رهندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، پر ڪجهه اهڙا سياستدان، گروپ ۽ لابيون آهن جن لاءِ آئيني ڪردار ڏانهن ٽرانزيشن ڪرڻ جو فيصلو عملي طور ٿي وڃي ٿو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي آهي، هن چيو ته عمران خان ۽ سمورين طاقتن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته هاڻي راند کيڏڻ بند ڪريو، نه پاڪستان اهو برداشت ڪري سگهي ٿو نه پاڪستان جو عوام برداشت ڪري سگهي ٿو، ۽جيڪي مثال اڄ ڏئي رهيا آهيو اهو پاڪستان جي مستقبل لاءِ تمام خطرناڪ هوندو، سعودي ولي عهد جي دوري ملتوي ٿيڻ بابت سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته مان پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ اهو ته نٿو چئي سگهان ته محمد بن سلمان جو دورو ملتوي ٿيڻ جو سبب رڳو عمران خان جو لانگ مارچ آهي هن کي هڪ ٻن ٻين ملڪن ۾ وڃڻو هو، ان ڪري دورو ملتوي ٿيو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته ان جي فيصلي ۾ ان لانگ مارچ جو به ڪو نه ڪو اثر ضرور هوندو، هن چيو ته عمران خان کي درخواست آهي ته لانگ مارچ کي اڳتي وٺي وڃي ته جيئن مان الزام نه لڳائي سگهان ته توهان تڪراري بڻائڻ لاءِ لانگ مارچ ڪيو، پنجاب ۾ گورنر راڄ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهڻا ڪارڊ اڃا به حڪومت وٽ آهن جيڪي اسان ناهن کيڏيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.