سکر-حيدرآباد موٽر وي اسڪينڊل تي ايڪشن کنيو آهي

سکر  (رپورٽر) صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته  سکر-حيدرآباد  موٽر وي  اسڪينڊل  تي سنڌ حڪومت  ايڪشن کنيو آهي .سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير ناصر شاهه  چيو ته سيوهڻ حادثو انتهائي افسوس آهي، سيوهڻ حادثي جو ذميوار وفاقي ادارو آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ به ڪو ملوث هوندو ته ڪارروائي ٿيندي، ڊپٽي ڪمشنر  جي ڏنل بيان تي ڪاروائي ڪئي آهي، ابتدائي  طور تي ڊي سي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي غلطي سامهون آئي آهي، ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي. ناصر شاهه چيو  ته سنڌ حڪومت انڊس هاءِ وي کي ڊبل ڪرڻ لاءِ 7 ارب رپيا ڏنا هئا، ماضي جي نااهل وفاقي حڪومت سست رفتاري سان ڪم شروع ڪيو.هن چيو ته حادثي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ايڪشن کنيو آهي، ذميوارن خلاف سخت سان ڪارروائي ٿيندي، انتظاميا کي روڊ تي بيريئر لڳائڻ گهرجي ها، هي حادثو انساني غلطي سان ٿيو. صوبائي وزير ناصر شاھ  چيو ته نرسنگ اسٽاف سميت هيلٿ ملازم ريڊ زون ۾ داخل ٿيا، ان ڪري ڪارروائي ڪئي وئي، ڊاڪٽرن ۽ نرسنگ اسٽاف جو احتجاج غلط هو، ڪووڊ ختم ٿيڻ بعد انهن کي ڪووڊ الائونسز ڪيئن ڏجي؟. ھن چيو ته عمران خان جو مستقبل اونداهو آهي، عمران خان جي ڪال مس ڪال ثابت ٿي، عمران خان حڪومت وڃڻ بعد وائڙائپ جو شڪار ٿي ويو آهي، خان کي آئيني طريقي سان اقتدار کان الڳ ڪيو ويو، هو ڪوڙي بيان بازي ڪري پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ھن چيو مڪاني چونڊن ۾ تمام گهڻي سڪيورٽي کپي، پر سڀ هن وقت مصروف آهن پوءِ اليڪشن ڪيئن ٿيندي. ھن چيو عمران خان تي حملو ڪوڙ تي ٻڌل آهي هڪ پسٽل جون گوليون ايتريون ڪيئن لڳي سگهن ٿيون؟. هن چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف هڪ پراسس آهي، ادارو پاڻ نالا موڪليندو آهي، انهن مان چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.