اوٻاوڙي لڳ مڙس ڪهاڙيون هڻي زال کي قتل ڪري ڇڏيو

اوٻاوڙو (رپورٽ:عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ حبيب چوهاڻ ۾جوابدار اربيلو چوهاڻ  ڪهاڙيون هڻي پنهنجي زال بختان کي قتل  ڪري ڇڏيو.پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد عورت جو لاش ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو.پوليس موجب جوابدار اربيلو چوهاڻ اعتراف ڪيو آهي ته هن زال کي قتل ڪيو.پوليس موجب جوابدار ٻڌايو هو ته زال پاڙي وارن سان ملي هن کي زهر ڏئي مارڻ جو پلان ٺاهيو هو، جنهن ڪري ڪاوڙ ۾ اچي ڪهاڙين جا وار ڪري زال جو ڳلو ڪپي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.