حليم عادل جي گهر تي ڇاپن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسمبيلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاري لاءِ بغير وارنٽ جي گهر تي ڇاپو هڻڻ  خلاف سندس پٽ احسن عادل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.درخواست گذار احسن عادل پنهنجي موقف ۾ چيو ته گهر ۾ ڀيڻ جي شادي جي تياري هلندڙ  آهي، پوليس بغير وارنٽ جي 4 ڀيرا ڇاپا هنيا،.منهنجي پيءُ خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، خدشو آهي ته پيءُ کي گرفتار نه ڪيو وڃي، ان ڪري عدالت کي استدعا آهي ته پوليس کي  حليم عادل شيخ جي گرفتاري کان روڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.