پي ٽي آءِ مارچ: اسلام آباد جي رستن تي سيڪيورٽي الرٽ

اسلام آباد(م ڊ) پوليس اسلام آباد جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سيڪيورٽي الرٽ ڪري ڇڏي آهي، اسلام آباد پوليس جي ترجمان چيو  آهي ته شهر جي داخلي ۽ خارجي 10 رستن تي باڊي ڪئميرائن سان پوليس اهلڪار مقرر هوندا، باڊي ڪئميرائن سان امن امان جي صورتحال دوران رڪارڊنگ ڪئي ويندي، رڪارڊنگ سان غيرقانوني ڪاررواين ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي ٿي سگهندي، ترجمان چيو ته جديد ٽيڪنالاجي سان ليس پوليس، ايف سي ۽ رينجرز جا جوان ڊيوٽي ڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.