15ڊسمبر تائين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نئين سروي جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته تحريڪ انصاف جو  لانگ مارچ هاڻي فرلانگ مارچ بڻجي چڪو اهي ۽ هي ورڪ فرام هوم آهي. اميد آهي ته پنجاب حڪومت جي حدن کان اڳتي نه ايندا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ٽيم ڏينهن رات هڪ ڪري 98 سيڪڙو ٻوڏ متاثرن تائين 25 هزار روڪ رقم جي امداد پهچائي ڇڏي آهي. 15 ڊسمبر تائين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نئين سروي ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ توقع آهي ته هي تعداد 90 لک تائين پهچي ويندو. گذريل ڏينهن پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ نذير ڌوڪي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ غربت جي خاتمي جي وزارت کي ٽاسڪ ڏنو ويو هو، ان ۾ 98 سيڪڙو تائين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

s

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.