عمران خان کي گولين جا ڪجهه ٽڪرا لڳا آهن: عظميٰ بخاري

لاهور (م ڊ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو آهي ته عمران خان کي گولين جا ڪجهه ٽڪرا لڳا آهن، لانگ مارچ ۾ مارجي ويل معظم جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي چڪي آهي ته ان کي ڪنٽينر مان آيل گولي لڳي آهي، عمران خان جڏهن اهو تسليم ڪري چڪو آهي ته آمريڪا سپر پاور آهي ان سان وڙهڻو نه آهي ته حقيقي آزادي جو ڍونگ ڇو رچايو پيو وڃي، هي اسلام آباد ڪهڙي حقيقي آزادي وٺڻ وڃي رهيو آهي، عمران خان واچ وڪڻي ملڪ کي بدنام ڪيو، ايتري ڪمائي پوري زندگي نه ڪئي جيتري وزيراعظم بڻجي ڪئي، عمران خان هڪ ڪوڙ ڳالهايو ته واچ وڪڻي بني گالا جو روڊ ٺهرايو جڏهن ته بني گالا جو روڊ سي ڊي اي ٺهرايو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.