مٽياري-سکر موٽر وي ڪرپشن، سعيدآباد روينيو آفيس کي تالو

نيوسعيدآباد (رپورٽ:مشتاق راهو) حيدرآباد-سکر موٽر وي جي تعمير جي پئسن ۾گهپلن بعد ڊي سي مٽياري عدنان رشيد جي گرفتاري، مٿس ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سعيدآباد منصور عباسي  تي بدعنواني جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد  روينيو آفيس نيوسعيدآباد کي تالا لڳي ويا. اينٽي ڪرپشن جي ڇاپن۽گرفتارين جي خوف کان روينيو کاتي جو سمورو عملو غائب ٿي ويو آهي. 4 ارب جي ميگا پروجيڪٽ ۾سوا 2 ارب رپيا ڪرپشن ذريعي هڙپ ڪيا ويا، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران ڊي سي مٽياري عدنان رشيد کي معطل ڪرڻ بعد اينٽي ڪرپشن کاتي پاران جاچ جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾مليل ڄاڻ موجب ڪجهه سال اڳ نيشنل هاءِ وي کاتي پاران ضلعي مٽياري جي حدن مان ٺهندڙ نئين موٽر وي واري رٿا لاءِ زمينون خريد ڪرڻ لاءِ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران 4 ارب رپيا جاري ڪيا ويا هئا، جيڪي ڊي سي عدنان رشيد پاران سنڌ سرڪار طرفان زمينون خريد ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل لينڊ اڪيوزيشن آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر سعيدآباد منصور عباسي ۽ سنڌ بئنڪ مٽياري جي ايريا مئنيجر تابش شاهه پاران سياسي هائوس جي ملي ڀڳت سان 2 ارب 14 ڪروڙ رپيا خرد برد ڪيا ويا هئا. اهڙا معاملا ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت پاران چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، جنهن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس شهمير خان ڀٽو ۽ سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس نذير احمد قريشي تي مشتمل ڪميٽي مٽياري ڊي سي آفيس پهچي رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي آفيس عملي کان بيان ريڪارڊ ڪيا، تنهن کان پوءِ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻائيندي چيو ته نيشنل هاءِ وي کاتي پاران 4 ارب ڪروڙ ڊي سي آفيس مٽياري کي جاري ڪيا ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.