ام رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو تي فرد جرم لاڳو

دادو/ (ڊ ر+ن ع آ) دادو جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ڀائرن سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي عدالت  شاهدن کي 3 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو.ام رباب  چانڊيو جي والد، چاچـَي ۽ ڏاڏي کي 17 جنوري 2018 تي قتل ڪيو ويو هو، فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته واقعي واري ڏينهن ايم پي اي سردار چانڊيو جي هدايتن تي جوابدارن سندس ڀاءُ برهان چانڊيو جي موجودگي ۾ فائرنگ ڪئي.فائرنگ ۾ يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو، سندس ٻه پٽ مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو مارجي ويا. ام رباب چانڊيو مسلسل گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي.ام رباب  چانڊيو عدالتي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسان جي فتح ڏانهن هيءَ ٻي وک آهي، سردار ڀائرن کي ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهچائي رهنداسين، ھن چيو تھ سنڌ ۾ شينھن نظر ايندڙ سردار ٻليون آھن، اسان جي ڪاميابي ٿي آھي، عدالتن مان انصاف جي اميد آھي ۽ اھا اميد قائم رھندي.هوڏانهن دادو  جي عدالت پاران ام رباب جي ٽن گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ سردار ڀائرن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ بعد ميهڙ ۾ام رباب مٿان سول سوسائٽي پاران  گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ سرداري نظام نامنظور جا نعرا پڻ ھنيا ويا.

  • سردار سدائين ڪيس کان ڀڄندا رهيا آهن: ام رباب

ڪراچي(م ڊ)ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس بابت ام رباب ۽ برهان چانڊيو نجي ٽي وي تي آمهون سامهون، نجي ٽي وي  سان ڳالھائيندي برهان چانڊيو چيو آهي ته فرد جرم ۾  ڪوڙا الزام مڙهيا ويا آهن،برھان چانڊيو موجب واقعي واري ڏينهن مان ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ تقريب ۾ شريڪ هيس، ان ڏينهن مون بلاول ڀٽو زرداري جي گاڏي به ڊرائيو ڪئي هئي، مون وٽ ان ڳالهه جا وڊيو ثبوت به موجود آهن، اسان کي ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي،ام رباب چيو ته برهان چانڊيو غلط بياني پيو ڪري، هو واقعي واري ڏينهن ميهڙ ۾ موجود هيو،  سردار سدائين ڪيس کان ڀڄندا رھيا آھن، عدالت برهان چانڊيو جا ثبوت رد ڪري چڪي آهي،برهان چانڊيو چيو ته ام رباب اسان جي ڀيڻ آهي، سندس لڳايل سمورا الزم غلط آهن، ام رباب چيو ته سردار ڪجهه به ڪن قانون جي پڪڙ کان هاڻي نه بچي سگهندا،هن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ام رباب چانڊيو ليڊر ٿيڻ جي لاءِ اسان جي مٿان الزام لڳايا، اسان بيگناھ آھيون  ۽ بيگناھ ثابت ٿينداسين، اسان کي بيگناھ ڪيس ۾ گھليو پيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.