26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو اعلان،اسٽيبلشمينٽ ٻڌائي حڪومت تبديلي سان ڪهڙو فائدو ٿيو؟عمران

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 26 نومبر تي پنڊي پهچڻ جو اعلان ڪندي اپيل ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جا سمورا ڪارڪن ۽ پاڪستاني ان ڏينهن پنڊي پهچن.لانگ مارچ سان خطاب ڪندي  عمران خان چيو ته غلامي کان موت بهتر آهي، اڳوڻو وزيراعظم هوندي ڪيس داخل نه ڪرائي سگهيس، اسان کي خبر آهي ته مارڻ وارا ٻه هئا ۽ سامهون کان گوليون آيون، انهن جوابدار کي طوطي وانگر پڙهايو ته مان اڪيلو هيس ته جيئن شڪ نه ٿئي، هاڻ توهان سان پنڊي ۾ ملاقات ٿيندي، پي ٽي آءِ جا سمورا ڪارڪن ۽ پاڪستاني 26 نومبر تي پنڊي پهچن.هن چيو ته اسان جي دور ۾ 3 لانگ مارچ ٿيا، نه اسان رنڊڪ روڪ ڪئي، نه ڪيس داخل ڪيا، اسان پنهنجي دور ۾ آئين ۽ قانون موجب هلياسين، مون کي خبر هئي ته مارڻ لاءِ پلان ٺاهيو ويو آهي ان باوجود نڪتس، مسئلن جو حل شفاف چونڊن کانسواءِ ڪجهه ناهي.سندس چوڻ هو ته مون کي بلاول جو سياسي مستقبل نظر نه پيو اچي، بلاول ڳوليندو وتندو ته بابي چوري جا پئسا ڪٿي ڪٿي رکيا آهن، افسوس جو ڀارت جي آزاد پرڏيهي پاليسي جو مثال ڏيڻو ٿو پئي، روس کان تيل خريد ڪرڻ تي آمريڪا اڳ ۾ ڀارت سان ڪاوڙيو پوءِ راضي ٿي ويو.،هن چيو ته مڃون ٿا اسٽيبلشمينٽ سازس ناهي ڪئي پر ان کي روڪي سگهي پئي، طاقتور ڌريون ٻڌائن ته ٻه خاندان ڪيئن ٺيڪ ٿي ويا؟ڪهري قيامت اچي وئي ته اسان کي ڪيرائي انهن چورن کي ويهاريو ويو، اسٽيبلشمينٽ ٻڌائي ته 7 مهينن ۾ حڪومتي تبديلي سان ڪهڙو فائدو ٿيو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.