گهڙي چور هيٽرڪ مڪمل ڪري ورتي:شرجيل ميمڻ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ۾ به پيپلز بس سروس جي شروع ڪري ڇڏي.صوبائي وزير شرجيل ميمڻ حيدر  چوڪ تي پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.شرجيل ميمڻ موجب سنڌ سرڪار عوام کي ٽرانسپورٽ جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي.هن چيو ته بس ۾ معمولي ڀاڙو 20 کان 50 رپيا تائين رکيو ويو آهي، شروعاتي ٽن ڏينهن تائين بس ۾ مسافرن کان ڪو به ڀاڙو نه ورتو ويندو، پهرين مرحلي ۾ حيدرآباد جي روڊن تي 10 بسون هلايون وينديون، بس سروس جا ٻيا به روٽس تيار ڪيا ويندا، ميرپورخاص کان حيدرآباد تائين به سروس هلندي.تقريب کي خطاب صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته گهڙي چور عمران خان هيٽرڪ مڪمل ڪري ورتي آهي، اسان سمجهيو ته هڪ گهڙي چوري ڪئي وئي آهي، هاڻي خبر پئي ته هن 3 گهڙيون وڪرو ڪيون. هن چيو ته هي گهڙي چور ايترو ته ڪوڙو ۽ مڪار شخص آهي جڏهن وزيرآباد ۾ حملو ٿيو يا ڪرايو ويو ته ان وقت سندس ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن کي هڪ گولي لڳي آهي پوءِ ڪجهه تڪراري بيانن بعد پاڻ ٽي وي چينل تي اچي ٻڌايو ته کيس چار گوليون لڳيون آهن، چار گوليون کائڻ وارو سپر مين 150 ڪلو ميٽر جي فاصلي ۾ سمورين اسپتالن کي ڇڏي لاهور جي ڪينسر اسپتال ۾ پنهنجو علاج ڪرائڻ پهتو. هن چيو ته سنڌ حڪومت هارين کي به ڪڻڪ جي پوکي لاءِ في ايڪڙ تي 5 هزار رپيا فراهم ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.