حيدرآباد سکر موٽروي رٿا ۾ 2.14 ارب رپين جي ڪرپشن، جي آءِ ٽي قائم

ڪراچي(م ڊ) حيدرآباد سکر موٽروي زمين جي خريداري جي فنڊن ۾ 2.14 ارب رپين  جي گهوٻين کانپوءِ چيئرمين اينٽي ڪرپشن محمد نوازشيخ جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي قائم ڪئي وئي، جي آءِ ٽي رٿا جي فنڊن ۾ ڪرپشن جي انڪوائري رپورٽ 10 ڏينهن ۾ ڏيندي، ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته وفاق پاران ملندڙ 4 ارب رپين مان 2 ارب 14 ڪروڙ رپيا خردبرد ڪيا ويا، موٽروي ڪيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر عدنان رشيد گرفتار آهي، مرڪزي جوابدار اسسٽنٽ ڪمشنر منصور عباسي ۽ اسلم پيرزادي گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي، جي آءِ ٽي جو پهريون اجلاس چيئرمين اينٽي ڪرپشن سنڌ جي آفيس ۾ ٿيو، اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن جو فون سي ڊي آر ۽ ٻيو رڪارڊ جمع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن مطابق جي آءِ ٽي اسڪينڊل ۾ ملوث جوابدارن کان پوليس جي طرز تي جاچ به ڪندي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي به اسڪينڊل جي جاچ لاءِ ٻه رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.