26 نومبر تي عمران گرفتار ٿيندو، حڪومت پاران حڪمت عملي تيار

اسلام آباد(اعزاز سيد+عمر چيما) عمران خان اهڙي موقعي تي پنڊي اچي رهيو آهي جڏهن نئين آرمي چيف جي مقرري ٿي رهي آهي، ذريعن  موجبهو اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ لاءِ اچي رهيو آهي، کيس خبر پئجي وئي آهي ته هن جي مرضي جو آرمي چيف نه پيو لڳي، هو اتي تڪرار پيدا ڪرڻ چاهي ٿو،پنڊي ۾ عمران خان سان گڏ پي ٽي آءِ جا مرڪزي اڳواڻ نه هوندا، ڪو نه ڪو بهانو ڪري گم ٿي ويندا،  وفاقي حڪومت حڪمت عملي تيار ڪري ڇڏي آهي، اها انتظار ۾ هئي ته عمران خان ڪڏهن لاهور کان پنڊي اچي ٿو، سينئر صحافي موجب عمران خان جنهن ڏينهن پنڊي اچڻ جو اعلان ڪيو ان ڏينهن سمري موڪلي ويندي، عمران خان آرمي چيف جي اميدوار جنرل عاصم منير کي تڪراري بڻائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلي رهيا آهن، خالد نعيم لوڌي جيڪو پي ٽي آءِ ۾ آهي ان هڪ ڳالهه ڪئي آهي، پ پ ۽ ن ليگ وارا پريشان آهن ته هي ڇا ٿي رهيو آهي، عمران خان جي پروپيگنڊا اثر ڏيکاري رهي آهي، مريم نواز جي واپسي به آرمي چيف جي مقرري سان مشروط آهي،26 نومبر تي عمران خان سسپينس پيدا ڪندو، اتي عمران خان جي گرفتاري جو به امڪان آهي، کيس رينجرز يا ملٽري وارا گرفتار ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته اسحاق ڊار صدر علوي سان آرمي چيف مقرري تي نه معيشت جي حوالي سان ملاقات ڪئي، ڊار علوي کي چيو ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ڳالهين لاءِ ڪميٽي بڻائين، صدر علوي چيو ته ڳالهيون ٺيڪ پيا ڪريو پر اسان کي ڪا فيس سيونگ ڏيو، اهي ڳالهيون بي نتيجا ختم ٿيون.

  • توشاخانه گهڙي جي هُل تي برادر اسلامي ملڪ کي ڪاوڙ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگار ڊاڪٽر شاهد مسعود چيو آهي ته عمران خان جو زور هو ته مئي تائين حڪومت ڪري وڃي پر اهو  وقت گذري چڪو آهي، هن تي حملي کانپوءِ هڪ ٽيمپو ٺهيو هو، کيس ان وقت قدم کڻڻ گهرجن ها، عمران خان آرمي چيف کي تاحيات مدي ۾ واڌ واري ڳالهه جي ترديد ناهي ڪئي، هن وقت خاموش انڊراسٽينڊنگ ٿي چڪي آهي، اصل ايشو اليڪشن جو آهي، سوال اهو آهي ته ڇا عمران خان چونڊن جي تاريخ وٺي ويندو، نئين آرمي چيف مقرري تي شهبازشريف نوازشريف سان مشاورت ڪئي آهي، ان صورتحال ۾ هڪ ڊي فيڪٽو وزيراعظم اسحاق ڊار فعال نظر آيو، جڏهن ته نئين چيف بابت عمران خان کي سندس مشيرن گهڻو مايوس ڪيو، عمران خان هاڻي وڌيڪ نئين مقرري تي نه ڳالهائيندو، توشاخانه جي گهڙي واري ڳالهه تي هڪ اسلامي برادر ملڪ ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، سفارتي سطح تي پاڪستان کي نقصان پهتو آهي،

  • وزيراعظم کي ٿڦ هڻڻ واري ڪوڙي خبر سوشل ميڊيا تي پکيڙي وئي

ڪراچي(سوشل ميڊيا) صدر مملڪت عارف علوي عمران خان سان ملائڻ لاءِ زمان پارڪ لاهور ۾ هڪ اهم فوجي شخصيت کي وٺي ويو، ان دوران ڳالهين تي ڏند چڪ ٿي پئي ۽ ان فوجي آفيسر عمران خان کي چماٽون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيون.فوجي آفيسر اهو ڏسڻ چاهي رهيو هو ته عمران خان جي ڄنگهه ۾ گولي لڳي آهي يا نه.ان تي عمران خان واش روم وڃي ڪڙو ڏئي ڇڏيو جڏهن ته اهڙي گوڙ تي عمران خان جا گارڊ آيا جن کي فوجي آفيسر ٻاهر نڪرڻ جو حڪم ڏنو.تنهن بعد عمران خان کي ٻاهر گهرائي منهن تي پٽي ٻڌي فرح خان عرف گوگي، بشريٰ بي بي ۽ ٻين جي ڪرپشن بابت تفصيل سان ٻڌايو ويو جنهن کي ٻڌي عمران خان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ عمران خان پنهنجين ڳالهين تان پوئتي هٽڻ تي راضپو ڏيکاريو پر خواهش ڏيکاريائين ته اليڪشن ٿين پر انهن کي به رد ڪيو ويو.عمران خان مطالبو ڪيو ته جنرل فيض کي آرمي چيف بڻايو وڃي ان کي به رد ڪيو ويو.ٻئي پاسي آرمي چيف جي مقرري تي تحريڪ انصاف پنهنجو موقف رکي ٿي جڏهن ته حڪومت چوي ٿي ته مقرري آئين موجب ٿيندي.پر آرمي چيف پنهنجي مرضي جو چيف آف جوائنٽ اسٽاف ساحر شمشاد کي ۽ آرمي چيف اظهر عباس کي لڳائڻ چاهي ٿو پر حڪومت مڃي ناهي رهي جنهن تي آرمي چيف جنرل باجوا پرائم منسٽر هائوس ۾ ويو ۽ هن شهباز شريف کي سمجهايو پر شهباز شريف جي نه مڃڻ تي ٻنهي وچ ۾ بحث ٿيو جنهن تي آرمي چيف شهباز شريف کي زوردار چماٽ وهائي ڪڍي.مٿي ٻڌايل ٻئي خبرون غلط آهن، چيو پيو وڃي ته عمران خان بابت نون ليگ جي ڌرين ۾ چماٽ واري ڳالهه پکيڙي وئي جنهن جي جواب ۾ پي ٽي آءِ وارن به هي افواهه پکيڙيو آهي ۽ اهو سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ڪري رهيو آهي.جڏهن اسان تحقيق ڪئي ته پتو پيو ته ٻئي خبرون ڪوڙيون آهن.ٻنهي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي ۽ ان جو حقيقت سان بنهه ڪو واسطو ناهي.

  • نوازشريف جنرل عاصم منير جي مقرري تي قائم

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا) نئين آرمي چيف مقرري معاملي تي راند جا رانديگر ايڪٽو ٿي ويا آهن، صورتحال ڏينهون ڏينهن تبديل ٿي رهي  آهي، سمري 19 نومبر تي وڃڻي هئي، ڪجهه ذريعا چون ٿا ته سمري پهچي چڪي آهي،حڪومت  لنڊن پلان تي اڙيل آهي، نوازشريف چاهي ٿو ته سينيئر موسٽ جنرل عاصم منير آرمي چيف ٿئي، ٻيا اميدوار سوچي رهيا هوندا ته رڳو هڪ ئي نالو گردش ۾ آهي،اسان جو نالو ته ڪٿي نظرنه پيو اچي،  لنڊن ۾ ايندڙ آرمي چيف جي حوالي سان اهم مشورا ٿيا آهن، نوازشريف کي ان سلسلي ۾ وڏو تجربو آهي، هن جي ڪرائيٽريا هوندي آهي ته پنهنجو ماڻهو آڻڻو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته نوازشريف پنهنجي ئي رکيل آرمي چيف سان ڦڏو ڪري وجهندو آهي، 2008ع کانپوءِ جمهوريت کي مضبوط ٿيڻ گهرجي ها، انهن 13 سالن ۾ پاڪستاني سياستدان ڪمزور ٿيا آهن، اهي اڃا به پنڊي ڏانهن ڏسي رهيا آهن، عمران خان به 26 نومبر تي پنڊي پهچي رهيو آهي، صدر کي به پيغام ڏنو ويو ته آرمي چيف مقرري سلسلي ۾ ڪو به غيرآئيني ڪم نه ٿيڻ گهرجي، هن ڪجهه ڪيو ته خدشو آهي ته شريف به سڀاڻي روڊن تي اچي اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانئو اختيار نه ڪري وٺن،اهي به اطلاع آهن ته عمران خان نئين اسٽيبلشمينٽ کي پيغام ڏنو آهي ته اسان کي توهان جي مقرري سان ڪو به مسئلو ناهي، نئين اليڪشن تي به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، فيس سيونگ لاءِ ٻنهي پارٽين ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، نئون آرمي چيف پاڻ کي سياست کان پري رکندو، بلاول به دونهيندار پريس ڪانفرنس ڪري علوي تي دٻاءُ وڌو آهي، عارف علوي جو رول اهم آهي، اها به خاطري ڪرائي وئي اهي ته عارف علوي ڪو اهڙو قدم نه کڻندو جنهن سان جي ايڇ ڪيو ۾ پريشاني جي لهر پکڙجي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.