والاريل ڄمون ڪشمير ۾ پوليس جا صحافين جي گهرن تي ڇاپا

سرينگر (م ڊ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي پوليس ڪشمير وادي ۾ مختلف جاين تي  ڪارروائيون شروع ڪي ڇڏيون آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق ڀارتي پوليس ۽ پئراملٽري اهلڪارن اسلام آباد ۽ ڪولگام ضلع ۾ مختلف جاين تي سرچ آپريشن ڪيو، اسلام آباد ضلع ۾ ڀارتي پوليس پاران حريت اڳواڻ قاضي ياسر ۽ صحافي قاضي شبلي جي گهرن تي ڇاپا هنيا. ڀارتي پوليس ڪولگام ضلع ۾ صحافي خالد گل ۽ آزاد پسند ڪارڪن باسط ڊار جي گهرن جي تلاشي به ورتي

  • موٽروي تي موٽرسائيڪل هلائڻ جي اجازت ڪالعدم

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ موٽر وي تي بائيڪس هلائڻ جي اجازت ڏيڻ جو اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ موٽر وي تي بائيڪس هلائڻ جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي خلاف ڪيس جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.فيصلو جسٽس محمد علي مظهر لکيو آهي، جنهن ۾ موٽر وي تي بائيڪس هلائڻ خلاف وفاقي حڪومت جي درخواست منظور ڪئي وئي.سپريم ڪورٽ پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ موٽر وي تي بائيڪس هلائڻ جي اجازت ڏيڻ جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي لکيو ته موٽر ويز تي بائيڪس هلائڻ جي اجازت ڏيڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو..

  • پنجگور ويجهو ڊيزل سان ڀريل ڊاٽسن ڪلٽي، باهه لڳڻ سبب 2 پورهيت سڙي فوت

نصيرآباد (ن ع آ) بلوچستان جي علائقي پنجگور ڀرسان لخ کا نال ايندڙ ڊيزل سان ڀريل ڊاٽسن  ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊاٽسن کي باھ لڳي وئي، گاڏي ۾ سوار ظفر پٽ اسدالله ۽ چاڪر پٽ محمد جان سڙي فوت ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.